مزدورن جي حال تي رحم ڪيو!‎
اڄوڪو ڏينھن يعني پھرين مئي پورھيتن جي عالمي ڏينھن طور دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي، ھن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد شڪاگو جي شھيد پورھيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ موجوده دور ۾ مزدورن جي حقن ۽ ساڻن ٿيل ظلمن خلاف آواز اٿارڻ آھي پر ايئن ھرگز ناهي، جن پورھيتن جي نالي تي ھي ڏينھن ملھايو پيو وڃي انھن کي ئي ھن ڏينھن جي خبر ناهي، ھو ويچارا پنھنجن ٻچن جي حق حلال جي روزي خاطر سج اڀرڻ سان پنھنجي ڪم سان لڳي ويندا آهن، سج لھڻ تائين تمام گھٽ اجوري تي پيا لوڙيندا آهن ۽ سندن ڏھاڙو اھي پيا ملھائيندا جيڪي مزدورن جا حق کايون ويٺا آھن، جن بلديا فيڪٽري ۾ مزدورن کي جيئري ئي ساڙي ڇڏيو، مزدورن جون تنظيمون جيڪي مزدورن جي حقن لاءِ ٺاھيون ويون آھن انھن جا اڳواڻ ڪو سيمينار وغيره ڪرائيندا ته ان ۾ به سياسي ماڻھن کي مدعو ڪري سياستدانن ۽ چونڊيل نمائندن جي خوشامند ڪري پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندا آھن، جيڪي عالمي ادارا يا تنظيمون مزدورن جي نالي تي فنڊ وٺنديون آھن اھي وري وڏن ھوٽلن ۾ ۽ اي سي حالن ۾ ويھي وڏيون تقريرون ڪري وڃي آرامي ٿيندا آھن پر مزدور جي حالت ڏينھنون ڏينھن وڃي پئي پوئتي ٿيندي، سندن ڀرجھلو ڪو به ڪونھي، حڪومت کي گھرجي ته جيڪي معاوضو مزدورن لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، اھو پورو ۽ وقت سر ڏنو وڃي، مزدورن جي اولاد لاءِ تعليم جو ڪو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي، مزدورن کي رھائشي پلاٽ ڏئي گھر جوڙائي ڏنا وڃن، مزدورن جي انشورنس ڪرائي صحت جون سھولتون ڏنيون وڃن ۽ بلديا سانحي ۾ ساڙيل مزدورن جي قاتلن کي ڦاسي ڏئي سندن اولاد کي سرڪاري نوڪريون ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
رياض راڄپر/ نگو بھڻ فيض گنج
پورهيت خدا جو دوست!
تون ھن ڌرتيءَ جو دان داتا،
ھرڪا پوک پچائين ٿو،
تنھنجي دم سان دنيا روشن،
سھسين رنگ رچائين ٿو.
پهرين مئي سموري دنيا مزدورن، پورھيتن جو عالمي ڏينھن طور ملھائيندي آھي پر افسوس جو جنھن مزدور پورھيت جو ڏھاڙو وڏين وڏين ھوٽلن ۾ ملهايا وڃن ٿا اھي ويچارا مزدور ھاري ان ڏينھن عام موڪل ڪري ڏاڍا پريشان ھوندا آھن ته اسان اڄ جي ھڪ ويلي جي ماني ڪٿان آڻيون؟ 21 هين صدي ۾ به پورھيت طبقي سان اھڙي ئي ويڌن آھي، پورھيت طبقي جي آواز اٿارڻ لاءِ انھن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ ايوانن تائين ڪير پھچائي؟ آخر ڪڏھن پاڪستان جي آئين ۾ مزدورن لاءِ قانون ته ٺھل آھن پر انھن تي عمل درآمد ناھي ٿيندو، اڄ به اسان ڏسون ته سنڌ ۾ چائلڊ ليبر عام آھي، اھو ڪڏھن ختم ٿيندو؟ اسان جي ٻارڙن کي تعليم بجاءِ مزدوري ڏانھن ڌيان ڇڪايو پيو وڃي، آخر ڇو؟ اسان وڏيري وٺ گروي آھيون ۽ ٻارڙا مزدوري ڪري ايندا آھن، تڏھن اسان ھڪ ويلي جي ماني کائيندا آھيون، پاڪستان جي غير سرڪاري محنت ڪش صنعتن ۾ هزارين معصوم ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي جبري پورهيو ڪن ٿا. الميو اهو آهي ته ٺيڪيداري نظام جي ور چڙهيل پورهيت خاندانن جي ڪيل پورهئي جو اجورو گهٽ ملڻ ڪري غربت جي لڪير کان به هيٺين زندگيءَ گذارڻي ٿي پوي، پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو محنت ڪش ادارا غير رجسٽرڊ آهن تنهڪري پورهيتن مزدورن کي سالالياني الائونس، ميڊيڪل الائونس ۽ پورهيتن جي ٻارڙن کي تعليم سميت بيون بنيادي سهولتون نٿيون ڏنيو وڃن. دنيا ترقي پئي ڪري، آئيندو روشن آھي ۽ تاريخ جي ھن وھڪري کي ڪير به موڙي نٿو سگھي. اسان کي عوام ۾ دنيا جي ترقي بابت حقيقتن ۽ روشن آئيندي لاءِ پرچار ڪندو رھڻ گھرجي جيئن سوڀ ۾ سندن ويساھ پختو ٿئي.
خانزادي ڪپري/ جهڏو
پھرين مئي ۽ شڪاگو جا شھيد!
پھرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينھن آھي ۽ پوري دنيا ۾ شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي، ڇو ته دنيا جي ترقيءَ ۾ پورهيت وڏو مقام رکن ٿا، 1 مئي 1886ع تي اهو ڏينهن هو جڏهن آمريڪا جي پورهيت طبقي ۽ شڪاگو جي ماڻهن بغاوت جو جهنڊو لهرايو ۽ روڊن تي نڪري پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لڳا. هن مظاهرن ۾ سڀ کان اڳڀرا شڪاگو جا ماڻهو هئا، جنھن ڪري ھي ڏينهن پوري دنيا ۾ شڪاگو جي ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪندي وڏي جوش و جذبي سان ملهايو وڃي ٿو، هو سرمائيدارن خلاف ھڪ آواز ٿي اٿي پيا، انھن مزدورن جو صرف ھڪ مطالبو ھو ته اسان کان 16 کان 18 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺڻ بجاءِ اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي پر شايد سرمائيدارن کان اھا ڳالھ ھضم نه ٿي، پنھنجي حقن خاطر نڪتل 30 لک پورھيتن تي گوليون وسائي ھزارين پورھيتن کي شھيد ڪيو ويو پر انھن پنھنجي شھيدن جي رت سان ڀريل ڪپڙن مان جھنڊا تيار ڪري سرمائيداري نظام آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو ۽ نيٺ حڪومت گوڏا کوڙيا ۽ مزدورن جو مطالبو مڃيو. اھڙي ريت شھيدن جي رت رنگ لاتو ۽ سندن مطالبو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قانون بڻجي ويو پر پاڪستان ۾ پورھيتن کي اھا حيثيت ۽ اجرت نٿي ملي جيڪا سندن حق ھئي، هتي پورهيت کي گڏھ سمجهيو ويندو آهي، جيڪو صرف بار برداري لاءِ پيدا ٿيو آهي، جيستائين حڪومت مزدورن کي حق نه ڏيندي جن جا هو حقدار آھن، تيستائين ھي ملڪ ترقي نه ڪندو.
عبدالباسط ميمڻ سجاول
ڳوٺ مير حسن ڊاھو ۾ چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو!
باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير حسن ڊاھو ۾ هڪ مهينو اڳ چورن ٻن دڪانن کي کاٽ ھڻي لکين رپين جو سامان ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، جڏھن ته دڪان مالڪن عبدالرشيد کوسو ۽ امان الله کوسو موجب ته اسان جڏھن باهو کوسو پوليس ڏي وڃون ٿا ته پوليس اها ڳالھ ڪري واپس ٿي ڪري ڇڏي ته توهان کي ڪنهن چيو آھي ته دڪان ۾ سامان رکو؟ اسان وٽ وقت ناهي جو توهان جو سامان واپس ڪرايون، هنن چٺي وسيلي ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ڊي آءِ جي لاڙاڪاڻو کان نوٽيس وٺڻ جي مطالبو ڪيو آھي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
سڪرنڊ جي مٽي اداس آھي!‎
تون ڇو ٿي روئين امان، آئون پڦين کي به تو جيان پنهنجيون امڙيون سمجهندو هئس، خبر اٿئي امان، نانا جي ڀاڪرن ۾ مونکي پوري ڪائنات چيٽ جي چانڊوڪي جيان لڳندي هئي، امان جڏهن نانا سان ماڻا ڪندو هئس تڏهن ايئن ڀائيندو هئس ته ڪائنات جي مالڪ رت جي رشتن ۾ ڪيڏو نه پيار سمايو آھي پر امان مون کي خبر نه هئي ته رت جي رشتن ۾ دوکي، فريب کان ويندي پنهنجن جو پنهنجن ئي هٿن گھٽو ڏيڻ واري ريت به آھي، امان منهنجي مرڻ جي عمر اڃا ڪٿي هئي. مون کي ته اڃا تو سان، بابا، نانا ۽ پڦين سان ماڻا ڪرڻا هئا، مون کي ته اڃا پڦين جي ننڍڙن سان راند کيڏڻي هئي، پڦين جي اولاد سان گڏجي ٽھڪ وکيرڻا هئا. تون ڇو ٿي روئين امان. امان مون کي اڃا اسڪول وڃڻو هو، مون کي پاڙي جي ٻين ٻارن سان گڏجي راند کيڏڻي هئي، مون کي بابا جي آڱر پڪڙي شھر مان ٿيلهو ۽ بوٽ وٺڻو هو، ٻڌاءِ مون کي ڇو ماريو ويو امان؟ ڏس تون وري به روئين پئي امان، امان اڄ سڪرنڊ جي مٽي ڇو اداس آھي؟ امان تون ته هميشه ٽھڪ ڏيندي هئينءَ، مون کي ڳل ڳراٽڙيون پائي ڀاڪرن ۾ ڀريندي هئينءَ، امان تون مون کي ٿورڙو به روئڻ نه ڏيندي هئينءَ، پر امان آئون ڇو پنهنجن ئي هٿان ماريو ويو آھيان؟ ڏس امان جيڪڏهن تون روئيندينءَ ته پوءِ تنهنجي سراج کي ڪير ڳل ڳراٽڙيون پائيندو ڪير پينگھ لوڏيندو؟ ڏس تون واري به روئين پئي امان.
ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو،
ڪير ماڳ ۾ مئو ڪير سڃ ۾ ستو
وڃو ڪويليو وڃو، وڃي پرينءَ کي چئو
اڃا پيو جيئان، اڃا پيو جيئان.
غلام علي گل ٻجورو/ سجاول
سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيو!
گروپ انشورنس جا پئسا ملازمن جي پگهار مان ڪٽيا وڃن ٿا، رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ انهن کي واپس ملڻ گھرجن، سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت رٽائرڊ ملازمن کي سندن حق ڏنو پيو وڃي وڃي، بدقسمتيءَ سان سنڌ سرڪار اڃا تائين ان بابت ڪو فيصلو ڪري ناهي سگهي، ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سمري وڏي وزير جي ٽيبل تي رکيل آهي پر صاحب جي شايد ان تي نظر نٿي پوي يا سنڌ سرڪار پنهنجي روايت کي قائم رکڻ ٿي چاهي ته رٽائرڊ ملازم به احتجاج ڪن، انهن کي پوليس لٺيون هڻي، گرفتاريون ٿين، پوءِ سمري منظور ڪئي ويندي، بابا رٽائرڊ ملازمن ۾ لٺين جهلڻ جي سهپ ناهي، ان ڪري مهرباني ڪري رٽائرڊ ملازمن کي پنهنجو حق ڏنو وڃي، اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب کي اپيل ٿا ڪريون ته ھو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي رٽائرڊ ملازمن مان بيچيني ختم ڪرائي.
عبدالڪريم هالو/ ٻيلو، سجاول
روز جو معمول بڻيل روڊ حادثن جو ذميوار ڪير؟
روڊ حادثا اسان جي غفلت انتظاميا جي لااپرواهي جي ڪري ٿين ٿا، روڊ حادثن جي ڪري روزانون ڪيتريون هي قيمتي جانيون زيان ٿي وڃن ٿيون، مهراڻ هاءِ وي هجي يا قومي شاهراهه هجي، ان کان سواءِ مختلف ضلعن کي ملائيندڙ روڊ هجن يا ننڍا لنڪ روڊ ھجن، روز اسين شوسل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا تي ڏسون ٿا ته روڊ حادثن سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون زيان ٿين ٿيون، اور لوڊ غلط، ڪراسنگ، ڊرائيورن جي نشو واپرائڻ سبب به روڊ حادثا ٿيندا آھن، روڊن رستن جي زبون حالت جي ڪري به ٿيندا آھن، تازو خيرپور ۾ روڊ حادثي ۾ 12 انساني قيمتي جانيون زيان ٿي ويون، ڪيترا ئي زخمي پڻ ٿيا، اڄ وري عمرڪوٽ ڇور روڊ تي جاڳير موڙ وٽ ڊمپر جو رڪشي کي ٽڪر سبب هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ان ساڳي روڊ ٻه ڏينهن اڳ به هڪ واقعو ٿيو هو، هڪ ٽرڪ جي موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر سبب 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي ويا هئا. عمرڪوٽ ضلعي ۾ روڊ حادثا روز جو معمول  بڻيل آھن، روز جي روڊ حادثن سبب عوام ۾ خوف جي لهر ڇانيل آھي، سموري علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آھي، آخر هي روڊ حادثا ڪئين ختم ٿيندا؟ روڊ حادثن سبب زيان ٿيندڙ قيمتي جانن جو ازالو ڪير ڪندو؟
راجا رجب علي/ نيوڇور
ڪورونا جي ٽين لهر ۽ حڪومت قدم!‎
حڪومت پاران ھاڻ ٿيندڙ لاڪ ڊائون تيستائين فائدي مند ثابت نه ٿيندو جيسيتائين عوام ان وائرس کان بچڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ احتياط نه ڪندو، چين جي سڀ کان وڏي شهر ووهان مان ڦھلجندڙ هي وائرس هڪ وبا جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي، جنهن هن مهل تائين 198 ملڪن کي وڪوڙي ڇڏيو آھي، جنهن جو علاج صرف پاڻ کي پنهنجي گهرن تائين محدود رکڻ آهي، جيڪو ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناھي، ان ڏس ۾ مڪمل عمل نه ڪرڻ سبب حڪومت کي لاڪ ڊائون يا ڪرفيو جهڙو اڻوڻندڙ فيصلو ڪرڻو پوندو آھي، جنهن تي عمل نه ڪرڻ هڪ پاڻ ۽ سڄي سماج سان دشمني سمجهيو ويندو، اسان هن سماج جي بربادي جا ذميوار سڏباسين. هي ڳالهه به واضح آھي ته اسان گهڻي ڀاڱي ڪچين آبادي ۽ ڳوٺن ۾ محدود وسيلن، بنيادي کوٽ ۽ بک بيمارين ۾ وڪوڙيل رهون ٿا ۽ اسان جي اڪثريت ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ غريب طبقي سان تعلق رکي ٿي. حڪومت پاران گذريل سال لڳايل لاڪ ڊائون سبب عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيو ۽ هر ٻئي ڏينهن سندن مسئلن ۾ واڌ ٿيندي رهي جن جي سرندي وارن ٿوري گهڻي سهائتا سان ڪجهه حد تائين درد جو درمان ٿيو پر اهو ڪم حڪومت جو آهي، جنهن کي ستت ئي ڪارائتا اپاءُ وٺي هن ٻوسٽ ۽ مارو ماري، مونجهاري کي ختم ڪرڻ ۾ هنگامي بنيادن تي عوام جي سهائتا ڪري کين جيئڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ لاءِ ترت ۽ بهتر اپاءَ وٺڻ گهرجن.
علي محمد کوسو/ شهدادڪوٽ
آن لائين هلندڙ ڪلاسن جو پيڪيج ڏيو!‎
هن وقت سنڌ  ۾ ڪورونا جي ٽين لهر هلي رهي آهي، جنهن ۾ مستحق ماڻهو جو ظاهري طور تي نقصان آهي، ڇو جو لاڪ ڊائون جي ڪري انهن جا روزڳار بند پيل آهن، جنهن وسيلي هو هروز پنهجي گهر لاءِ کاڌي پيتي جو سامان وٺي ايندا هئا، هن ڀلاري مهيني ۾ انهن مستحق انسانن جو خيال رکڻ وس وارن جو فرض آهي، هاڻي اسين ڳالهه سنڌ ۾ تعليم جي ڪنداسين، جيڪا تباهه ٿي رهي آهي، ڇو جو اڳ ئي سنڌ جي تعليم پٺتي پيل آهي ۽ مٿان وري تعليمي درس ڳاهون بند ٿي ويون پر سنڌ ۾ تعليمي ادارن طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته توهان آنلائين ڪلاس وٺو، ٺيڪ آهي آنلائين ڪلاس وٺجن پر ان جي لاءِ هر شاگرد کي تمام سٺي اينڊرائيڊ موبائيل هجي جيڪي تمام مهانگيون آهن، ڪجهه شاگرد مزدوري ڪري اهي موبائيلز وٺندا ڪجهه ويچارا غريب شاگرد يونيورسٽي ۾ پڙهڻ سان گڏ ڪجهه ڏينهن ۾ مزدوري ڪري يونيورسٽي جو خرچ پورو ڪندا آهن ته لاڪ ڊائون ۾ مزدوري به بند آهي. آنلائين ڪلاسن لاءِ انٽرنيٽ پيڪيج جي به ضرورت پوي ٿي، جيڪو مان سمجهان ٿو هڪ هفتي جو 300 ريپا خرچ آهي، جيڪو غريب شاگرد جي وس ناهي، مهرباني ڪري گهٽ ۾ گهٽ انٽرنيٽ جو پيڪيج ان تعليمي اداري کي کڻڻ کپي، جنهن ۾ شاگردن داخلا ورتي آهي، ڇو جو اهو شاگرد اڳ ۾ ئي پنهنجي فيس جمع ڪرائي چڪو آهي ان ئي فيس مان انٽرنيٽ جو پيڪيج موڪلي شاگردن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سجاد جوڻيجو/ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن، لاڙڪاڻو
ٽيٽيھر ۽ بياباني پکين بابت تحقيق منظور!‎
ٽيٽھر بياباني پکي آھي، جتي وڻ ناهي ھوندو، ان ڪري اهو آکيرو ٺاھي ناھي سگھندو، اھڙا کوڙ پکي آھن، جيڪي پنهنجي ماحول موجب زندگي گذاريندا آھن، جيئن ڪٻر اڪثر مٽي جي دڙن ۾ سوراخ ڪري رھندي آھي، طوطو اڪثر پراڻن وڻڻ رھندو آھي، اڪثر گھٽ اڏامندڙ پکي زمين تي رھندا آھن پر ڪن ماحولياتي تبديلي ڪري پنهنجي فطرتون تبديل پڻ ڪندا آھن، مثال ڪڪڙ گھر جو پکي آ، ڪڏھن  نر ڪڪڙ تھ سياري ۾ به ڪنھن وڻ تي رات گذاريندو آھي ۽ جھرڪي وڌ ۾ وڌ انساني آبادي ۾ رھڻ کي اوليت ڏيندي آھي، پاريھر جھنگلي ڪبوتر کي اڪثر وڏي سرن  واري جڳھ لڀي وڃي ته سئو ميل پنڌ ڪري وڻ بدران ان جاءِ ۾ رهندو. کوڙ پکين جي رات جاڳڻ واري ڳالھ بلڪل درست آھي، کوڙ پکي اھڙا آھن جيڪي رب انسانن جي حفاظت لاءِ خلقيا آھن، اھي رات وقت جاڳي انسانن توڙي پنهنجي ھمذات کي دشمن کان ھوشيار ڪندا آھن، جيئن چٻرو، چمڙو، ٽيٽھر، گھرو پکين ۾ ڪاز رات جو ڳچ حصو جاڳندو آھي. منهنجي اندازي موجب تمام ڏورانھن علائقي کان پنڌ ڪري لڏي آيل پکين ۾ رات ڏينھن جي جاڳڻ جو نظام تبديل ٿيو آھي، جيئن ڪو پکي خط استوا کان رات جو سفر ڪري ڪن ڪلاڪ بعد اھڙي ملڪ ۾ داخل ٿئي ٿو جتي وري رات ھجي. جي ڪو ماھر دوست ان تحقيق تي بحث ڪرڻ چاھي ته اميد ته ادارو ان کي پنهنجي اخبار۾ ڀليڪار ڪندو.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
پنهنجن کان مقصودو رند سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون!
مقصودو رند جي حالت ڏسي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ٿا وڃن ته اسان جو شھر امن جو پيغام ڏيندڙ هو، الائي ته ڪنهن جي هن کي نظر لڳي وئي جو هي شھر ويرانيءَ طرف وڃڻ لڳو آھي، هن امن پسند شھر ۾ روز نت نوان بهانا ٺاهي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون هٿ ٻڌي هن شھر جي سياسي، سماجي ڌرين کي عرض ڪندس ته خدارا پنهنجي شھر جي مالڪي ڪيو. هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ جي چڪر ۾ شھر جو امن تباھ نه ڪيو، ڪو زمانو هو جو هن شھر ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه هوندي هئي، قرب محبت هڪ ٻئي کي کلي کيڪارڻ، جيءَ ۾ جايون ڏنيون وينديون هيون پر افسوس اڄ ھن پنهنجي شھر ۾ ئي ماڻھو پاڻ کي اوپرو پيو محسوس ڪري، گذريل سال به هن ساڳئي وقت ڪورنا جي ڪري پورهيت طبقو متاثر ٿيو ۽ ڪاروبار به مس وڃي هن ساڳي پوزيشن تي پهتو ته وري لاڪ ڊائون جا سائرن وڄڻ شروع ٿيا آھن، هر ڪو پريشان ۽ هڪ ٻئي کان اهو پڇندي نظر ٿو اچي ته آخر ڇا ٿيندو؟ سو چوڻ جو مقصد ته خدارا شھر تي رحم ڪيو، هينئر رمضان شريف آهي، ڪاروبار کلي ئي جهڙوڪر وڃي شام جو ٿو ته وري اسان جي قانون جا محافظ ڏنڊا اڀا ڪيو 6 وڳي بند ڪيو بند ڪيو جا نعرا هڻندا اچي لهن ٿا، ويچارا پورهيت مزدور دڪاندار ڪيڏانهن ويندا؟ انهن جي ٻچن جو سوچيو، مسڪينن کي ڪاروبار ڪرڻ ڏيو، رحم ڪيو، ته جيئن غريب ماڻهو به پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ پالي سگھن ۽ گذر سفر سولو ڪن.
ظھورحسين رند/ مقصودو رند، سانگهڙ
سنڌ جي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪريو!
وزير اعظم عمران تازو سکر ۾ سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن ۽ رليف جي مد ۾ 447 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو، اهڙو اعلان سنڌ واسين لاءِ يقينن بهترين عمل آهي ۽ ان تي مڪمل عمل ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ وزيراعظم جيئن سنڌ ۽ بلوخستان جي علائقن جي پسماندگي ۽ ماڻهن جي محرومين جو ادراڪ رکي ٿو اهو پڻ ساراھ جوڳو عمل آهي. ٻنهي صوبن جي ماڻهن جو اهو به اهنج رهيو آهي ته کين وفاقي ادارن ۾ جائز نمائندگي ناهي ملي، ان ڪري پي ٽي آءِ سرڪار وٽ اهو موقعو آهي ته ريلوي، پي آءِ اي، سول ايوي ايشن، پورٽس اينڊ شپنگ، اسٽيبلشمينٽ، ڪيبنيٽ ڊويزن سميت لڳ ڀڳ 42 وازارتن، خومختيار ادارن ۽ ماتحت کاتن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي انهن جي جائز نمائندگي ڏني وڃي. ٻيو ته سنڌ بلوچستان جي قدرتي وسيلن تي به اتان جي ماڻهن جي مالڪي ڪڏهن تسليم ناهي ٿي. ان پسمنظر ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي تي به خدشا آهن، هو سمجن ٿا ته جيڪڏهن انهن ٻيٽن تي شهر اڏيا ويا ته اصلوڪا ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. سنڌ جي ماڻهن جي اها شڪايت آهي ته بئراجن ٺهڻ سان سندن بنيادي حقن خلاف ورزي شروع ٿي وئي، تقريبن هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين هندستان کان آيل مهاجرن کي ڪليمن ذريعي الاٽ ڪئي وئي ۽ هٿياربند فوجن جي آفيسرن کي انعام طور عطا ڪئي وئي. اهي سڀ زمينون ڀڳڙن مٺ تي حاصل ڪيون ويون. هينئر وقت آهي، سنڌ جا ماڻهو ماضي جي حڪومتن مان نااميد آهن، تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن سنگين ناانصافين جو ازالو ڪري سنڌ واسين جون دليون هميشه لاءِ کٽي سگهي ٿي.
منصورالحق سولنگي/ڪراچي
ڇا سنڌ جي تعليم ترقي ڪري سگھندي؟
سنڌ جي تعليم ملڪ جي باقي ٽنهي صوبن کان پوئتي پيل آهي، هزارين اسڪول بند پيل آهن، سنڌ ۾ 50 هزار استادن جي کوٽ آهي، ڪٿي بجلي ناهي، ڪٿي عمارت ناهي، واشروم، لائبرريون ناهن، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب نه آهن، بدلين تي بندش ۽ بائيوميٽرڪ جي خراب سسٽم سبب اسڪولن ۾ استاد ناهن، خيرپور، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ قبائلي جهيڙن سبب ڪيترائي اسڪول بند آهن. ٺٺي، سجاول ضلعن جي اسڪولن ۾ استاد ناهن، هڪ طرف بدلين تي پابندي آهي ته ٻئي طرف سوين ليڊيز ٽيچرس جي شادين جا مسئلا، ڊليوري ڪيسن ۾ ڦاٿل ٽيچرس جا مسئلا سامهون آهن. سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو ڇا پيو ڪري اهو هڪ سوال آهي؟ ٻئي طرف جبري طور تي ڪنهن سازش تحت گورنمنٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو مان ميل ۽ في ميل پروفيسرز صاحبان کي بدلي ڪيو ويو آهي، انهيءَ اسڪول ۾ 500 سو شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن، هن اسڪول ۾ باقاعدي ڪلاس هلندڙ آهن، اهڙي بهترين اسڪول کي بند ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڇا اهڙن عملن سان سنڌ جي تعليم ترقي ڪندي؟ هلندڙ اسڪولن کي وڌيڪ ترقي ڏياريو يا انهن کي تالو لڳايو، اها ڪهڙي سوچ آهي؟ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ وزير اعليٰ سنڌ نوٽيس وٺي گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو مان ڪيل استادن جون بدليون واپس ڪري ۽ جلد استادن جي کوٽ ختم ڪري اسڪولن جا درپيش مسئلا حل ڪري.
عبدالسميع ڀنڀرو/خيرپور