اين اي 249: اليڪشن ڪميشن مفتاح اسماعيل جي ٻيھر ڳڻپ واري درخواست منظور ڪري ورتي

0
507

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ن ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ واري درخواست منظور ڪري ورتي، مفتاح اسماعيل چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي خط لکي چيو ته اسان کي 30 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کان رزلٽ موصول ناهي ٿيو ۽ ڪيتئرن فارم 45 تي صحيحون به نه هيون، جڏهن ته اسان کي ڪيترن پرزائيڊنگ آفيسرز جي رويي تي شديد خدشا آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته آر او قانون تي عمل ڪندي هن فرق جي باوجود ٻيهر ڳڻپ جي هدايت نه پيو ڏيئي، اسان وٽ فارم 45 تي ووٽن جي ڳڻپ آر او جي طرفان ڏنل فارمز سان مختلف آهي ۽ اسان کي آر او جي طرفان فارم 45 فراهم ناهن ڪيا ويا، اسان کي آر او پولنگ اسٽيشن جي حساب سان رزلٽ سمري فراهم ناهي ڪئي، هن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته اسان آر او کان واٽس ايپ نتيجن جي وصولي جي وقت جي رسيد گهري جيڪا ناهي ڏني وئي، آر او اسان جون سموريون درخواستون رد ڪري واضح جانبداري جو مظاهرو ڪيو آهي، اڌ کان وڌيڪ فارم 45 تي آر او صحيح ناهي ڪئي، ليگي اڳواڻ مطالبو ڪيو آهي ته نتيجن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان روڪيو وڃي ۽ اين اي 249 جي سمورن پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، اليڪشن ڪميشن مفتاح اسماعيل جي درخواست منظور ڪندي هن کي ٻڌڻي لاءِ 4 مئي مقرر ڪري ڇڏي.