اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو وفاقي حڪومت  جي نااھلي سبب افغانستان جا شھري پنجاب کان ڪراچي وڃي رھيا ھئا ته اوٻاوڙو پوليس چيڪنگ دوران سنڌ پنجاپ باڊر رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ افغانستان جي شھرين کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ 3 عورتن 2 مردن ۽ 6 ٻارڙن کي پاسپورٽ نه ھجڻ جي جرم ۾ گرفتار ڪري تلاشي دوران افغاني ڪرنسي 3 ھزار رپيا ۽ پاڪستاني ڪرنسي 10 ھزار رپيا، ھڪ موبائيل فون برآمد ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن کي اوٻاوڙو ٿاڻي تي آندو ويو، جتي گرفتار جوابدار مير واعظ پٽ لعل گل پٺاڻ، غلام رسول پٽ دستگير پٺاڻ، فوزيه زال مير واعظ پٺاڻ، زاھره زال غلام رسول پٺاڻ، لطيفان زال محمد ھاشم پٺاڻ ۽ 6 ٻارڙن فارن ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن کي پوليس گذريل ڏينهن اوٻاوڙو جي سول ڪورٽ سگوري ۾ پيش ڪيو، عدالت جي حڪم تي گرفتار عورتن کي سکر جي وومين جيل ۽ مردن کي گهوٽڪي سينٽرل جيل موڪليو ويو.