باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه لڳ ڳوٺ دڙا ۾  هٿياربندن  گهر ۾ داخل ٿي بيواهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار صدام جوڻيجو 45 ورهين جي افروز خاتون جوڻيجو کي رپيٽر جا  فائر ڪيا. پوليس عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽم ارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. افروز خاتون جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ وارث لاش رلائيندا رهيا، باڊھه اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر نه هئڻ سبب لاش ڏوڪري تعلقا اسپتال  منتقل ڪيو ويو، جتي پڻ ڏوڪري ۾ ڊاڪٽرياڻي غير حاضر هجڻ ڪري عورت جو لاش لاڙڪاڻي نيو ويو. پوليس موجب جوابدار صدام جوڻيجو واري ڌر مقتول عورت جي ڀاءُ امتياز جوڻيجو واري ڌر سان ڪجهه مهينا اڳ ٿيل چوري جي معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ ھئي. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ ھو ته ڪجهه مهينا اڳ مقتولا عورت جي ڀاءَ امتياز جوڻيجو جي گهر مان چور چوري ڪري ويا هئا، ڪتي جي ذريعي پيرا کنيا ويا هئا جيڪي جوابدار صدام جوڻيجو جي گهر ۾ لڳا هئا، جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. هوڏانهن باڊھه پوليس ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڳوٺ ۾ چوڪي قائم ڪئي وئي آھي.