ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي تنظيمن پاران پنجاب اسيمبلي مان پاس ڪيل “اسيمبلي ميمبر استحقاق بل” خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي يونين آف جرنلسٽس پاران حيدرآباد، ڄامشورو ۽ دادو سميت ٻين ضلعن ۾ جاني خاصخيلي، اقبال ملاح، منصور مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. سکر ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اوٻاوڙو ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي غلام قمبر بوهڙ، مظفر حسين چارڻ، پنهل سمون، نذير ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، گمبٽ ۾ يونين آف جرنلسٽ پاران صفدرسهتو، روشن ملڪ، قمرالدين شيخ ۽ اصغر ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب اسيمبلي صحافت جي آزادي تي راتاهو هڻڻ لاءِ ڪارو قانون پاس ڪيو آهي، اهڙي قانون کي ملڪ جي صحافي برادري سميت هر آزاد صحافت جو حامي فرد ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هنن چيو ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جي راءِ عام ماڻهو جي لاءِ به مشڪل ٿي رهي آهي. هنن چيو ته ايڇ يو جي بل کي سختي سان رد ڪري ٿي، اهڙي بل مان آمريت جي بوءِ اچي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته صحافت دشمن بل فوري طور واپس وٺي صحافت جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي.