ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977 پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آمر ضياءَ جي دور جيان تقريرن ۽ اظهار جي آزادي تي اڄ به پابندي مڙهيل آهي، عوامي مسئلن تي ڳالهائيندڙ صحافي به خطري ۾ آهن. حڪومت خلاف ڳالهائيندڙ عورت صحافين کي پڻ ھراسان ڪيو وڃي ٿو.حڪومت عوام کي خاموش نه ٿي ڪري سگھي، اهو ئي عوام هڪ ڏينهن نااهل حڪومت جو تختو اونڌو ڪندو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي رويي قوم کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي بابت اجلاس ۾  افغانستان جي مسئلي تي سنجيده آواز ۽ راءِ بلاول ڀٽو زرداري جي هئي، شازيه مري وڌيڪ چيو ته پرڏيهي مامرن وارو وفاقي وزير آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي، هن وقت افغانستان ۾ آمريڪا جي ڪردار بابت تمام گهڻي ڳڻتي آهي، ھن چيو ته وزير اعظم توهان رڳو آمريڪا کي مس ڪال ٿا ڏيو، مودي کي به مس ڪال کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪريو، مس ڪالن سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، اندروني معاملن کي بهتر بڻائي ٻاهرين معاملن کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن دوران ماڻهن کي زبردستي ووٽ ڏيڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، ھن چيو ته بلاول ڀٽو جي آمريڪي دوري تي پي ٽي آءِ جا اهي ميمبر تنقيد ڪن پيا، جن کي قائداعظم يونيورسٽي مان جنسي ڏاڍائي جي الزام ۾ نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو. شازيا مري وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪا دوري تي وڃڻ لاءِ ڪنهن کان پڇڻ جي ضرورت ناھي، ھن چيو ته اسان ڀارت سان پڻ سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر اسان ڪڏهن به مودي کي پاڪستان جو همدردي نٿا سمجهي سگهون