ڪابل (م ڊ) افغانستان جا وڌيڪ 11 ضلعا طالبان جي قبضي هيٺ اچي ويا، هڪ هزار افغان فوجين جان بچائڻ لاءِ تاجڪستان ۾ پناهه وٺي ڇڏي، پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي اترين صوبي بدخشان ۾ طالبان تيزي سان اڳتي سرحد طرف وڌي رهيا آهن، تاجڪستان نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪالهه هڪ هزار 37 افغان فوجي طالبان کان جان بچائڻ لاءِ تاجڪستان آيا، جن کي سٺا پاڙيسري هجڻ جي ڪري تاجڪستان ۾ داخل ٿيڻ ڏنو آهي. واضح رهي ته بدخشان صوبي جي 5 ضلعن تي اڳ قبضو ڪري چڪا آهن. هوڏانهن افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان نجي وي سان ڳالهائيندي چيو ته طالبان اتر افغانستان ۾ ڪنٽرول سنڀالڻ شروع ڪيو آهي، افغان مسئلي جي فوجي حل جي ڪوشش سان گهرو ويڙهه ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان پاڪستان، چين، ازبڪستان لاءِ خطرناڪ القاعده، داعش، اي ٽي آءِ ايم جهڙين تنظيمن کي پير رکڻ جي جاءِ ملي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جا افغانستان ۾ ڪير به پسنديده ناهن، اهو ئي پيغام طالبان کي به آهي ته سمورن افغان ليڊرز کي مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي.