دودو ڀيل قتل ڪيس: گرفتار شهرين پاران پوليس تي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ۽ تذليل جو الزام

0
377

ميرپور خاص/مٺي (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڌرڻي مان گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻ سميت مقتول دودو ڀيل جي 11 ڄڻن کي پوليس ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، پوليس پاران وڪيل لجپت سوراڻي ڪامريڊ گومون ڀيل، جهامن داس، سوائي ڀيل، مٺو ڀيل، ڏيوجي ڪولهي، مهرو، نندو ۽ چنو کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي درخواست ڪئي، دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس کي وڌيڪ رمانڊ نه ڏنو ۽ گرفتار اڳواڻن کي ميرپورخاص جيل اماڻي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد گرفتار11 ڄڻن ميرپورخاص جيل منتقل ڪيو ويو، پوليس ڌرڻي مان گرفتار ڪيل 40 کان به وڌيڪ اڳواڻن مان صرف 9 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو باقي لاپتا آهن، گرفتار اڳواڻن پاران پوليس تي وحشياڻي تشدد ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو رڪارڊ ڪري تذليل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو، عدالتي ٻاهران اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي پاڻ تشدد ڪري ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل واري وڊيو رڪارڊ ڪئي.