سکر: آرڪيالاجي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر قاصد علي ملاح، آرڪيالاجي ماھر طوبي شفق، ايڊووڪيٽ سھيل لطيف ميمڻ طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر ۾ سکر لينسڊائون پل متعلق تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ھو ته ماڻھن جي پنڌ ھلڻ لاءِ فوٽپاٿ تباھ ٿيل آھن، بيسمينٽ واري حصي جي جلد مرمت نه ٿي ته نقصان جو خدشو آھي، پل جي ڪجھه حصن تي کي زنگ لڳي ويو آھي، ٺھيل گارڊ رومز مان مسلسل پاڻي وھڻ سبب ڀتين کي ڏار پئجي ويا آھن، افتتاحي بورڊن تي پل جي نالن جي غلط اسپيلنگ آھي، تاريخي پل جي سار سنڀال ۽ مرمت لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن. آرڪيالاجي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر قاصد علي ملاح طرفان لئنسڊائون پل، اروڙ، لاکين جو دڙو، ستين جو آستان، سکر بئراج ۽ ٻين تاريخي ورثن بابت عدالتي ڪمري ۾ ٽي وي اسڪرين تي ويڊيو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ھو ته سکر جي چئني پاسن کان قديمي تاريخي ورثا موجود آهن، عدالتي حڪم تي لينسڊائون پل جو دورو ڪري پل جو جائزو ورتو، پل جي ڪجھه حصي تي زنگ لڳل آھي، وڏي عرصي کان پل کي نظر انداز ڪيو ويو آھي، نتيجي ۾ لوھي دروازن توڙي بيسمينٽ ۾ مٽي ڄمي وئي آھي، جڏھن ته دورازا مٽيءَ جي ملبي سبب بند ٿي ويا آھن، دورزان تي برطانوي طرز جا تالا به اڃا لٽڪيل آھن جيڪڏھن درست نموني انھن جو خيال رکيو وڃي ته اھي استعمال جي قابل ٿي سگھن ٿا، ڪوتاھي ۽ غفلت سبب پل جي دروزان کي نقصان پھچي رھيو آھي، گرلون توڙي فوٽاٿ تي لڳل ڦٽا تمام خراب حالت ۾ آھن جيڪي پنڌ ھلندڙ ماڻھو جو وزن برداشت نٿا ڪري سگھن، پل جي گارڊز رومز مان مسلسل پاڻي وھڻ سبب اُتي وڻ ڄمي آيا آھن، جڏھن ته ديوارن کي ڏار پئجي ويا آھن، پل کي لڳل زنگ ۽ ڀتن کي آيل ڏارن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، رپورٽ ۾ اِھو به ڄاڻايو ويو آھي ته  پل جي لڳل معلوماتي بورڊن تي مونوگرامس، نالن، سڃاڻپ جي پليٽس ۽ افتتاحي بورڊن جي مرمت ٿي سگهي ٿي ۽ ان کي صحيح طرح برقرار رکيو وڃي. ڪجھه افتتاحي بورڊن تي پل جي نالي جي غلط اسپيلنگ لکيل آھي جيڪا درست ڪري سگھجي ٿو.