سکر: حاصل ڪيل ڄاڻ موجب تاريخي لئنسڊائون پل کي ٺھندي 27 مارچ تي 135سال ٿيندا. تاريخ 27 مارچ 1889ع تي بمبئي جي گورنر لارڊ ري پل جي بکر واري پاسي کان پل جي منهن ۾ لڳل لوھي در کي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر فريڊرڪ ايورٽ رابرٽسن ھٿان ڏنل چاٻيءَ سان در کي لڳل انتهائي آرائشي تالي کي کوليو، جيڪو تالو ميئو اسڪول آف آرٽس لاھور جي پرنسيپل جي ايل ڪپلنگ ٺاھي ڏنو ھو، در کولڻ بعد پل جا اڏاوتي آفيسر روھڙي، سکر ۽ آسپاس جا معززين سنڌ ھند ۽ ريلوي جا برٽش آفيسر گورنر سان گڏ پيادل بکر جي قلعي اندر افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيا جنهن جو بندوبست سکر ميونسپالٽيءَ ڪيو ھو، جنهن جي نگراني ڪمشنر سنڌ مير منشي خداداد خان ڪئي ھن پل جو ڊيزائنر ايلگزينڊر ميڊو رينڊل ھو، لوھي پل جو ٺيڪو لنڊن بيس ڪمپني ويسٽ وڊ بيلي کي ڏنل ھو، پل ھن وقت تائين سکر روھڙي واسين لاءِ 135 سالن کان ھڪ نعمت جي روپ ۾ استمال ٿيندي آئي آھي. اختيارين طرفان پل جي مالڪي نہ ٿيڻ سبب پل پنھنجي اصل سونھن، خوبصورتي ڄڻ تي وڃائي ويٺي آھي.