پريالوءِ (ن پ ا ) پريالوءِ جي ڳوٺ حاجي نهال بلوچ جو رهواسي ڪراچي ڪينٽ ڇانوڻي ۾ مقرر فوجي جوان شرافت حسين پٽ غلام حسين بلوچ ڪراچي ۾ ڊيوٽي دوران پاڻي جي موٽرمان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. وارثن کي ڪراچي ڇانوڻي مان فون تي سندس بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب شهيد ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو ته سندس گهر۾ ڪهرام مچي ويو، شرافت حسين 16 سال اڳ ڊرائيور طور ڀرتي ٿيو هو ۽ کيس 2 پٽن ۽ 3 نياڻين جي اولاد آهي. يادرهي ته شرافت حسين پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان اڳ پريالوءِ ۽ ڀرپاسي ۾ بهترين ڪرڪيٽ جو رانديگر پڻ هو ۽ آرمي ۾ پڻ پاڪ فوج جي ٽيمن ۾ ڪرڪيٽ راند کيڏي چڪو هو.