پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر جي عملي کي معطل ڪري ڇڏيو

0
256
پرويز الاهي ڊپٽي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر جي عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، پرويز الاهي ٻن اسسٽنٽ پروٽوڪول آفيسرن ۽ هڪ اسٽاف آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل ٿيلن ۾ محمد شاهد، عظيم بٽ ۽ محمد امان خالد وائن شامل آهن جڏهن ته اسپيڪر ٽنهي آفيسرن خلاف به جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ذريعن موجب اسپيڪر کي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت معطل ڪيل آفيسرن تي خدشا هئا

ياد رهي ته 16 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڏي وزير جي چونڊ دور جهيڙو ٿيو هو جنهن دوران ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري ۽ پرويز الاهي تي تشدد ڪيو ويو هو

ن ليگ اسان جي خاندان خلاف به سازش ڪئي آهي: مونس الاهي

ٻئي پاسي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي چيو آهي ته ن ليگ اسان جي خاندان خلاف به سازش ڪئي  آهي، گجرات ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مونس الاهي چيو ته وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ به ن ليگ جا منهن مرجهايل آهن ۽ اسان وزارتون ڇڏڻ کان پوءِ به اسان خوش آهيون

مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چيو ته عمران خان جي حمايت ڪرڻ عوام جو مطالبو هو، اهائي ڳالهه مان پنهنجي بزرگن کي ٻڌائي

واضح رهي ته ق ليگ سربراهه جو چوڌري شجاعت جو پٽ چوڌري سالڪ حسين شهباز شريف جي ڪابينا ۾ شامل آهي ۽ پرويز الاهي جي پٽ حسين الاهي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ٿيل آهن

ھي به پڙھندا

فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪري ٿي، جلد امپورٽڊ حڪومت کان جان ڇٽي ويندي: شيخ رشيد