هڪ مرد مون کي اڪيلائي ۾ ملڻ جو چيو: ايشا ڪوپيڪر

0
279
هڪ مرد مون کي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل، اداڪارا ۽ سياستدان ايشا ڪوپيڪر چيو آهي ته هوءَ تڏهن ڀورا ڀورا ٿي وئي هئي، جڏهن کيس هڪ مرد اداڪار اڪيلائي ۾ ملڻ جو چيو هو، ان صورتحال تي هوءَ ڪافي مايوسي جو شڪار به ٿي هئي

پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ 45 ورهين جي ايشا ڪوپيڪر چيو ته 2000 ۾ بالي ووڊ جي هڪ مرد اداڪار طرفان چيل ڳالهه تي مان اهو سوچيندي رهيس ته اوهان ڪهڙا به نظر اچو ۽ ڪهڙا به ڪم ڪريو پر اصل معاملو اهو آهي ته اوهان کي هيرو جي گڊ بڪ ۾ رهڻ لاءِ ائين ڪرڻو پوندو آهي، جنهن تي مان ان جي ابتڙ فيصلو ڪيو

هن چيو ته اسان سڀني جون ڪجهه نه ڪجهه ترجيحون هونديون آهن ۽ منهنجي لاءِ ڪم کان وڌيڪ منهنجي زندگي آهي، سندس چوڻ هو ته نين فنڪارائن لاءِ بالي ووڊ ۾ ڏکيائيون هونديون آهن ۽ وڏا وڏا پروڊيوسر به کين اڪيلائي ۾ گهرائي وٺندا آهن.