فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪري ٿي، جلد امپورٽڊ حڪومت کان جان ڇٽي ويندي: شيخ رشيد

0
174
فوج عوام جي راءِ جو

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪندي آهي، جلد امپورٽڊ حڪومت کان جان ڇٽي ويندي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته امپورٽڊ حڪومت فرار جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ڏيڍ سئو جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن

هن چيو ته پاڪ فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪري ٿي ۽ جلد درآمد ٿيل حڪومت مان جان ڇٽي ويندي جڏهن ته سپريم ڪورٽ مان جلد خوشخبري جي اميد آهي، شيخ رشيد چيو ته امپورٽڊ حڪومت جي ڪا به آئيني حيثيت ناهي، اها حڪومت کليل سازش ذريعي ٺاهي وئي

اڳوڻي گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪاري خزاني جو بيدردي استعمال ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، هنن کان حڪومت نٿي سنڀلجي، هي اين آر او ٽو وٺڻ آيا هئا

ھي به پڙھندا

ملڪ لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي اهي به سواليا نشان بڻجي رهيا آهن: شيخ رشيد