نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گليشيئرز جي رجڻ کي خطري جي گهنٽي سمجهو وڃي، گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت بين الحڪومتي پينل جي رپورٽ موجب پاڪستان گلوبل وارمنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ هو ته قطبي ۽ جابلو گليشيئرز امڪاني طور تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رجندا رهندا، جنهن جا نتيجا وڏي حد تائين ڳڻتي جوڳا آهن. گڏيل قومن جي پينل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قطبي ۽ پهاڙي گليشيئر امڪاني طور تي ايندڙ ڏهاڪن تائين رجندا رهندا.