اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ بلدياتي ادارن جي عدم بحالي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران افضل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي چيف سيڪريٽري جاويد رفيق کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ بلدياتي ادارن کي غير فعال ڪرڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن جي ميئرز پاران گڏيل طور داخل ڪيل درخواست تي انهن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود بلدياتي ادارا بحال نه ڪيا ويا، چيف جسٽس چيو ته پنجاب جو سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ٻڌائي ته عدالتي حڪم تي ڪيترو عملدرآمد ٿيو آهي، عدالت ۾ موجود سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ چيو ته هن ڪيس ۾ وڪيل ڪرڻ جي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان لوڪل گورنمينٽ جا سيڪريٽري آهيو ۽ اوهان کي ڪجهه معلوم ئي ناهي ته عدالت ۾ تفريح ڪرڻ آيا آهيو؟ ڇو نه توهان کي عدالت مان سڌو جيل موڪليو وڃي، لاهور جي ميئر عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم موجب روڊ تي ويهي اجلاس گهراياسين، صوبائي حڪومت اسان جي سهولت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته افسوس اهو آهي ته بلدياتي نمائندا پاڻ ڪم نه ٿا ڪرڻ چاهين، انهن کي پنهنجي ذميوارين جو علم ناهي، جنهن کي معلومات نه هوندي اهو گهر ئي ويهي رهندو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته بلدياتي نمائندا جڏهن لاڳاپيل عمارت ۾ اجلاس ڪرڻ ويا ته ان عمارت کي تالا لڳايا و يا، چيف جسٽس چيو ته انهن ماڻهن جا نالا ٻڌايا وڃن جن عمارتن کي تالا هنيا، بلدياتي ادارا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بحال ڪيا هئا، بلدياتي ادارا من و سلوا جو انتظار ڪري رهيا آهن، لاهور جي ميئر چيو ته اسان اجلاس ڪيئن ڪيون جڏهن اسان جي وس ۾ صفائي ڪندڙ به ناهي، چيف جسٽس چيو ته دنيا ۾ بلدياتي ادارا ڪيئن ڪم ڪندا آهن انهن مان سبق سکيو وڃي، لڳي ٿو پنجاب سرڪار اختيار ڏيڻ بنا بلدياتي ادارن جو مُدو ختم ڪندي، بلدياتي نمائندن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو ناهي، اُهي چاهين ٿا ته پئسو ۽ عملو ڏيو، جنهن کان پوءِ عدالت پنجاب جي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي وڪيل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي ايندڙ هفتي اربع ڏينهن 20 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.