سکر (بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي ۽ خزاني آفيس ۾ ڪرپشن وارو معاملو، نيب ٽن اڳوڻن آفيسرن کي گرفتار ڪري رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو. خوراڪ کاتي ۽ خزاني آفيس ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ ٽن اڳوڻن آفيسرن محمد حسن، عبدالشڪور ۽ نظير جي سپريم ڪورٽ طرفان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد کين گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن کي نيب رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. بعد ۾ عدالت رمانڊ واري درخواست رد ڪندي کين جيل اماڻي ڇڏيو آهي.