برلن (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جرمني سان نون اقتصادي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. جرمني جي ٻن ڏينهن واري دوري دوران پنهنجي جرمن هم منصب هائيڪو ماس سان ملاقات کانپوءِ برلن ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ جرمني ۾ 70 سالن کان دوستاڻا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، جرمني يورپي يونين کانسواءِ سڄي دنيا جي معيشت تي گهرو اثر رکي ٿي، پاڪستان جرمن ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني جي سهڪار جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته پاڪستان جرمني سان نوان اقتصادي لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف کي سياسي فورم بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ جرمني جا ٿورائتا آهيون. هن ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي لاءِ ويڪسين جي فراهمي لاءِ جرمني سان سهڪار تي به ٿورا مڃيا. ان موقعي تي جرمن پرڏيهي وزير خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف به ڪيو.