پاڪستان اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ ان سان اهم لاڳاپا آهن: آمريڪا

0
258
پاڪستان اسٽريٽجڪ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ۽ آمريڪا جا پاڪستان جي حڪومت سان اهم لاڳاپا آهن، اسان پاڪستاني جي ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي اهميت ڏيندا آهيون

اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان يو اي اي ۽ سعودي عرب جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي ملڪن سان سيڪيورٽي تعاون، دفاعي واپار ۽ تربيت تي ڪم ڪري رهيا آهيون

ترجمان چيو ته يمن تڪرار جو واحد رستو سفارتي حل آهي، جڏهن ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي اڳڀرائي جا خدشا آهن

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي يوڪرين جي دوري بابت پڇيل سوال تي آمريڪي ترجمان چيو ته ترڪي نيٽو جو اهم اتحادي آهي ۽ جيڪي به يوڪرين جي حمايت ڪن ٿا ان اتحاد جي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا

نيڊ پرائس چيو ته اسان افغان عوام جي مختلف طريقن سان مدد ڪري رهيا آهيون، اسان افغان عوام جي انساني ضرورتن جي مدد ڪري رهيا آهيون، اسان افغانستان تي خطي جي ڪيترن ئي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪابل ايئرپورٽ ٺاهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان کي گهرجي ته هو افغان عوام جي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪن ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪن جڏهن ته انهن افغانن کي محفوظ رستو ۽ آمد و رفت جي آزادي ڏني وڃي جيڪي ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا