شهيد بشير قريشي جي پٽ ڪوثين جي گرفتاري: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
279
شهيد بشير قريشي جي پٽ ڪوثين جي گرفتاري: سوشل ميڊيا تي ردعمل

   شهيد بشير قريشي جي پٽ ۽ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي ڀاءُ قانون جي شاگرد ڪوثين قريشي جي گرفتاري خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ڪوثين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. رليز ڪوثين قريشي هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪڙو وڏو سڄي سنڌ جي حفاظت ڪندو ھيو پر اڄ سڄي سنڌ وارا وڏي بشير جي ھڪڙي پٽ حفاظت نٿا ڪري سگھون اسين ڪيڏا نه بيوس ٿي چڪا آھيون، امير حسن پنهور زين شاهه جو بيان شيئر ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس ننڍي ڀاءُ ڪوثين کي گرفتار ڪرڻ جي  مذمت ڪريون ٿا، بنا ڪنهن جواز جي چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو عمل ناهي. جنهن تي عبدالوحيد پنهور محمد خان شيخ، زوهيب سنڌي، مهراڻ اڪبر سولنگي، پنهل لاڙڪ، راحيل عباس ڪلهوڙو، توفيق خان، معراج سنڌي، خليل هنڱورجو ۽ ٻين به ڪوثين جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو. رميش ڪمار لکيو ته سنڌ جي حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي،

اختر اوڳاهي لکيو ته شهيد بشير قريشي جو پٽ ڪوثين قانون جو شاگرد آهي ان کي رات وچ ۾ گرفتار ڪري گم ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا. مبشر جاگيراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رات جي پھر ۾ جسقم چيئرمين جي گھر تي چڙھائي ڪري ان جي بيڏوھي ڀاءُ ڪوثين احمد قريشي کي کنڀي گم ڪرڻ سڌي سنئين دھشتگردي آھي. جنهن تي عامر خان لکيو ته وڏا ڏس اڄ تنهنجا ٻچا به محفوظ ناهن وڏا تون ته سڄي سنڌ جو محافظ هئين، ڪاشف علي لکيو ته ڪوثين جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، فقير اشفاق، فيصل جلباڻي، امداد علي سومرو، راشد علي عباسي ۽ ٻين ڪوثين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾  جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گھر تي چڙهائي ڪري ڪوثين قريشي کي کنڀيو ويو آهي، ان عمل جي سخت مذمت ڪجي ٿي. ڪوثين کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، جنهن تي امتياز عاشق، شفيق شاهاڻي، علي عباس بهراڻي، محمد عمر آريسر به ڪوثين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد بشير خان قريشي جي پُٽ ڪوثين خان قريشي کي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ڪوثين خان قانون جو شاگرد آهي سندس گمشدگي شرمناڪ عمل آهي.

  جنهن تي عبدالباري وسمرو، اياز قاضي، قدرت الله منگي، غلام رسول جتوئي، امتياز سومرو، ايم هارون جتوئي، طارق گهمرو به گرفتاري جي مذمت ڪئي. منير احمد مگسي، محمد اويس پنهور، شڪيل ڇڄڙو، ڪامريڊ امير جان چانڊيو، سيد عبدالجبار بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد بشير قريشي جي پٽ قانون جي شاگرد ڪوثين قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، کيس جلد آزاد ڪيو وڃي.اختر شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شھيد بشير خان قريشي کي شھيد ڪرڻ، ان کان پوءِ سندس ڀاءُ کي ساڙي شھيد ڪرڻ، بعد ۾ ان  جي پٽن کي ھيسائڻ لاءِ بار بار سندن گھر تي چڙھايون، سرڪار  جي اندر موجود خوف جو اظھار آھي. ڪوثين ھڪ شاگرد آھي، اسان سڀني سنڌين جو ٻچو آھي، ان کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ، شھيد بشير خان قريشيءَ جي گھر جو تقدس پائمال ڪرڻ، سنڌي قوم جي توھين آھي. جنهن تي آصف ٿيٻو، حميرا خان، ڊاڪٽر ذوالفقار زئور به مذمت ڪئي. شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ سياسي ڪارڪنن/ شاگردن کي اھڙي ڀيانڪ انداز ۾ کنڀي گم ڪرڻ جو ڪو  مثال نٿو ملي، جنهن تي فاطمه لغاري لکيو ته جهنگ جو قانون آهي، بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ پنهنجي ڀاءُ ڪوثين جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،

انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوثين جي آزادي لاءِ نوابشاهه ۾جسقم جي ريلي ڪڍي وئي جنهن تي پوليس جي چڙهائي ۽ 30 اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي، جنهن تي عبدالوحيد، آڪاش امر، محمد موسيٰ، رياض احمد، مڪيش ڪمار، بشير ميراڻي، عتيق الرحمان، ڊاڪٽر خان محمد ا نصاري ۽ ٻين به مذمت ڪئي. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد بشير قريشي جي گهر تي چڙهائي ۽ سندس پٽ ڪوثين جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا جنهن تي سليم بجير لکيو ته پوليس جو چوڻ آهي ته دعا منگي اغوا ڪيس ۾ پوليس تحويل مان ڀڄي ويل مک جوابدار ذوهيب قريشي جي فون لوڪيشن بشير خان جي گهر مان ملي، جنهن ڪري چڙھائي ڪئي، ذوهيب قريشي بشير خان جو ڀاڻيجو ۽ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آھي، ڪوثين کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪبو، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قريشي خاندان دعا منگي اغوا ڪيس ۾ نامزد جوابدار ذوهيب قريشي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو، صنعان قريشي چيو آهي ته ذوهيب قريشي جي آڙ وٺي اسان کي نشاڻو بڻايو ويو آهي ذوهيب قريشي سان اسان جو ڪو واسطو ناهي.گلزار ملاح لکيو ته هن جي عمل سان تعلق واقعي به نه هوندو، پر بشير خان جو ڀاڻج آھي، لوڪيشن صنعان خان جي گهر مان ملي اٿس، لاتعلقي ڪيئن ٿي؟ مخدوم آسيه قريشي لکيو ته تير هنيو ڪنهن ٻئي آهي. نشان ڇڏيا قريشين جي گهر ۾ اٿن. ڄاڻي ڪري ڦاسايو اٿن. هنن کي.