خيرپور/ سڳيون (نمائندا) سکر بورڊ پاران  نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحاني فيس 1100 مان وڌائي 2610 رپيا ڪرڻ واري عمل خلاف شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن خيرپور ۽ سڳيون ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪري مطالبو ڪيو ته امتحاني فيس ۾ اضافي وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول جي سوين شاگردن پاران فردين شيخ، عاطف شيخ، سيد زين شاھ، احمد علي سولنگي، رمضان آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  متاثر  شاگردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي اڪثريت غريب طبقي سان تعلق رکي ٿي. سکر بورڊ پاران امتحاني فيس ۾ اوچتو اضافو کانئن تعليم کسڻ جي سازش آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فيس ۾ اضافي وارو فيصلو فوري طور واپس نه ورتو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن هائير سيڪنڊري اسڪول سڳيون جي شاگردن زيب الرحمان ڪوري، دانش بهليم، مزمل حسين ڀٽو، عبدالرحمان مڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين شاگردن جلوس ڪڍي سکر بورڊ جي فيصلي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ لعل بخش سيال، ھائير سيڪنڊري اسڪول سڳيون جي  پرنسيپال مير محمد شر، استادن امداد علي ڀاڳت ۽ قادر بخش ڀنڀري  ان حوالي سان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته امتحاني فيس ۾ اوچتي اضافي سبب پندرهن ڏينهن گذرڻ باوجود هڪ به شاگرد امتحاني فارم نه ڀرائي سگهيو آهي،  جيڪڏهن فيس تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته 90 سيڪڙو شاگرد امتحاني فارم نه ڀرائي سگهندا. هنن مطالبو ڪيو ته امتحاني فيس ۾ اضافي وارو فيصلو فوري طور واپس وٺي هزارين شاگردن جو تعليمي مستقبل تباهي ٿيڻ کان بچايو وڃي.