صحافي ارشد شريف غلط فهمي جي بنياد تي پوليس فائرنگ جو نشانو بڻيو: ڪينيا پوليس جو اعتراف

0
398

ڪينيا پوليس طرفان سينيئر پاڪستاني صحافي ارشد شريف کي غلط فهمي جَي بنياد تي فائرنگ جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ارشد  شريف کي ڪينيا پوليس نيروبي ويجهو مٿي تي گولي هڻي قتل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته مبينا چيڪ پوائنٽ تي قانون جِي ڀڃڪڙي تي واقعو پيش آيو

ڪينيا پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني صحافي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ مگادي کان نيروبي طرف سفر ڪري رهيو هو، جتي پوليس  رستي ۾ روڊ بلاڪ ڪري چيڪنگ ڪري رهي هئي

ڪينيا پوليس جَي هڪ سينيئر آفيسر طرفان ارشد شريف جي پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيڻ جو اعتراف  ڪيو ويو آهي، سينيئر آفيسر اعتراف ڪيو ته ارشد شريف غلط فهمي جي بنياد تي قتل ٿيو آهي

ڪينيا پوليس موجب، ارشد  شريف جنهن گاڏي ۾ سوار هو، اُهڙي  ئي هڪ ٻِي ڪار ۾ ٻار جي اغوا جو اطلاع مليو هو

  جنهن جي بازيابي لاءِ روڊ بلاڪ ڪري گاڏين جي چيڪنگ ڪئي پئي وئي ته پاڪستاني صحافي جي ڊرائيور ڪار روڪڻ بدران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي

ڪار جو پيڇو ڪرڻ دوران پوليس فائرنگ ڪئي، ارشد شريف مٿي تي گولي لڳڻ سبب صحافي قتل ٿي ويو

ھي به پڙھندا

ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ سينئير صحافي ارشد شريف قتل

صحافي ارشد شريف جو قتل: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ طرفان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب