صحافي ارشد شريف جو قتل: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ طرفان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب

0
284
ڊي سي اسلام آباد کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد جي سزا
ڊي سي اسلام آباد کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد جي سزا

اسلام آباد: سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي آھي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ طرفان ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن

 ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ارشد شريف جو مڙهه ڪٿي آهي؟ بيرسٽر شعيب رزاق ٻڌايو ته ارشد شريف جو مڙهه نيروبي ۾ آهي

عدالت طرفان گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي نامزد آفيسرز کي ارشد شريف جي ڪٽنب سان فوري ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، عدالت سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي

ھي به پڙھندا

ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ سينئير صحافي ارشد شريف قتل