ٺٽو ويجهو گٽڪو ٺاهيندڙ فيڪٽري تي پوليس جي چڙهائي، چڪريون، 7 پوليس اھلڪار ۽ 5 ڳوٺاڻا زخمي

0
305
ٺٽو ويجهو گٽڪو ٺاهيندڙ فيڪٽري تي چڙهائي

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ منشيات ۽ گٽڪي خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، ڪراچي حيدرآباد ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين ضلعن کان به پوليس نفري طلب ڪئي وئي آھي

ٺٽي جي پوليس صبح سوير ٺٽي لڳ چڙھائي ڪئي ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون، چڪرين دوران 7 پوليس اهلڪار ۽ 5 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا

ايس ايس پي پاران گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي گٽڪي جو مٽيريل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو موجب ڪارروائي دوران ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون ۽ حملو ڪري 7 پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪيو ويو

متاثر ڳوٺاڻن موجب پوليس بلاجواز ڳوٺ غلام محمد بروهي کي ڪڙو چاڙھي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، اسانجي ڳوٺ ۾ گٽڪي جي فيڪٽري هجڻ جي دعويٰ غلط آھي، تشدد ڪري 5 نوجوانن کي زخمي ڪيو ويو

پوليس جي آپريشن ۽ ڳوٺاڻن جي مزاحمت بعد علائقي ۾ وڏي پوليس جي نفري پھچي وئي آھي، ڇڪتاڻ  وڌي وئي آھي، ليڊيز پوليس بھ علائقي ۾ موجود آھي