ملير(رپورٽر)  ملير ۾ برسات متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم نه ڪرڻ خلاف مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ متاثرن گهگهر ڦاٽڪ لڳ مين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، احتجاج ۾ شامل  عوامي جمهوري پارٽي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن رشيد سڌايو، خير محمد مگسي، منان شيخ ۽ اصغر باغي  چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي تباهه ڪيو ويو آهي، حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ جا لکين ماڻهو دربدر ٿياآهن ڪراچي ۾ آيل متاثرن ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، ڪيترا متاثر مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت متاثرن جي کاڌ خوراڪ، صحت ۽رهائش لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي ۾ بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي،هنن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ  سمورا چونڊيل نمائندا پنهنجن تڪن جي متاثرن سان ملڻ لاءِ تيار ناهن، هن چيو ته  گهگهر لڳ ٻيلي کاتي جي خالي پيل  سوين ايڪڙ زمين تي ٽينٽ سٽي قائم ڪيو وڃي