وڏي وزير سنڌ ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ جو فارمولو ٻڌائي ڇڏيو

0
439

سکر: وڏي وزير سنڌ ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ جو فارمولو ٻڌائي ڇڏيو، سکر ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير چيو ته درياهه جي ساڄي پاسي وارو پاڻي منڇر ذريعي نيڪال ڪري رهيا آهيون

وڏي وزير ٻڌايو ته کاٻي پاسي شهرن ۾ موجود پاڻي ڍورن ۽ سم نالن ۾ ڇوڙ ڪري واپس درياهه ذريعي نيڪال ڪنداسين، خيرپور جي اوڀر حصي، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جو پاڻي بدين رستي درياهه ۾ ڇوڙ ڪنداسين

مراد علي شاهه ٻڌايو ته ٻن مهينن جي  اندر 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪري فصلن جي پوکي ڪرائڻ چاهيون ٿا، پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ نه آهي