خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان رمضان ڊرينيج نالي کي بااثرن مبينا طور انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڪٽ هڻائي ڇڏيو، 500 کان وڌيڪ گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا زندگيون بچائي ٻاهر نڪري آيا، ڳوٺاڻن جو احتجاج. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڳوٺ سوڍو خان جاگيراڻي، سهتو خان جاگيراڻي، علي ڏنو، غلام قادر، ڳوٺ حضور بخش جاگيراڻي، سوڀو ڪٽوهر، صحبت خان ڪٽوهر، ڀنڀو خان، ڳوٺ غلام قاسم، خادم حسين ڪٽوهر، علي خان ڪٽوهر، ڳوٺ هادي بخش، محمد حيات، ثناءُ الله، هدايت الله، سهراب خان ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين مصري خان ڪٽوهر، سهراب جاگيراڻي، گل حسن ڪٽوهر، محمد نواز، امان الله، سليم احمد، ڪريم بخش، هاشم شاهاڻي، محبوب رند ۽ ٻين احتجاج ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر ماڻهن رمضان ڊرينيج سم نالي کي هٿرادو کنڊ لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سم نالو ابتو وهي رهيو آهي. پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي ۽ 500 کان وڌيڪ گهر ٻڏي ويا آهن. اسان جي گهرن ۾ 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي. فقط جانيون بچائي ٻاهر نڪتا آهيون. هنن جو چوڻ هوته ته اسان کي برسات ناهي ٻوڙيو پر علائقي جي بااثرن انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ٻوڙيو آهي. ٻار ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، نٽهڻ اس ۾ روڊ ڪناري کليل آسمان هيٺان ويٺل آهيون. هن وقت تائين ڪوبه چونڊيل نمائندو يا آفيسر لڙي نه آيو آهي. هنن اعليٰ عدليه ۽ ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪئي ته سم نالي کي ڪٽ هڻندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.