ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر ۽ ڇنڊڻ شاخ جي غيمن موري تي دروزا کولڻ لاءِ ويل 1063شھرين تي ٻن الڳ الڳ ٿاڻن تي دهشگردي ايڪٽ تحت 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، خبر موجب روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر ۽ ڇنڊن شاخ جي گيمن ريگيوليٽر تي زبردستي دروازا بند ڪرڻ تي ڪنڊيارو ۽ پپري ٿاڻن تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، آبپاشي کاتي جي عملدارن تي حملي ۽ فائرنگ جو پهريون ڪيس پپري ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آھي، جنهن ۾ انجنيئر محمد صالح جي فرياد تي 12 سڃاتل ۽ 400 اڻ سڃاتلن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي، جوابدارن ۾ الطاف چنڙ، الھه ڏنو عرف دودل چنو، نظير جمالي، منور جمالي، نادر چنڙ، عمران سولنگي، امتياز چنڙ ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن ڪنڊيارو ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ 51 سڃاتل ۽ 600 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ سجاد گهانگهرو، دودو گهانگهرو، فرحان کوسو، ببلو مڱريو، ياسر عرفات گهانگهرو، سلطان گهانگهرو، اقرار ملاح، اخلاق مڱريو، عبدالحفيظ ۽ ٻيا شامل آهن، دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر موري تي دروازن جي چڪاس لاءِ وياسين ته جوابدارن دهشت ڦهلائي سرڪاري ڪرين جا شيشا ڀڃي ڪرين کي نقصان پهچايو ۽ ان کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪنڊيار ۽ پپري پوليس سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ٻئي پاسي چيف انجنيئر سکر بئراج سردار شاهه کي وڊيو پيغام ذريعي ڪنڊيارو شھر جي ٻڏڻ جي صورت ۾ گولي هڻڻ جو اعلان ڪندڙ سندس ڀائيٽي ۽ اڳوڻي ايم پي اي آفتاب شاهه جي پٽ پ پ ڪائونسلر عابد شاهه چيو آهي ته شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ هزارين شھرين مٿان دهشت گردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي، هن چيو ته شهري ڪٽ ڏيڻ جي افواهن تي سخت پريشان هئا، جن روهڙي ڪئنال ۽ ڇنڊن شاخ جي گيمڻ موري تي احتجاج ڪيو ۽ شھر کي ڪنهن امڪاني ڪٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تان ڪيس داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، هن مطالبو ڪيو ته داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن،