ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان  پھتل لانگ مارچ دوران 100 کان مٿي ماڻھن  جا موبائل فون ۽ ھزارين روپيه نقد رقم نامعلوم شاھينگن پاران ڪڍيا ويا آھن.  بلاول ڀٽو زرداري جي روانگي کانپوء ماڻھن  پوليس اڳيان دانھون ڪيون  سينئر صحافي جميل ميمڻ ؛ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح ۽ ٻين پ پ اڳواڻن جا موبائل ۽ نقد رقم نامعلوم شاھينگ ڪڍي ويا آھن . پوليس موجب موبائل نمبر ٽريس ٿيڻ بعد جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي