لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار ڊيلي ميل شهبازشريف ڪيس ۾  پنهنجو جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، برطانوي اخبار ڊيلي ميل نواز ليگ صدر شهباز شريف پاران ڪيل ڪيس ۾ هڪ سال جي دير کانپوءِ جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، برطانوي اخبار جو جواب 49 صفحن تي مشتمل آهي، اخبار جو جواب نيب جي شهبازشريف خلاف ٺاهيل ريفرنس تي ٻڌل آهي، ڊيلي ميل جي جواب ۾ شهبازشريف ۽ سندس خاندان جي اڪائونٽس جا تفصيل شامل آهن، برطانوي اخبار جي جواب ۾ شريف خاندان جي ملازمن جا بيان به شامل آهن، دبئي ۽ پاڪستان ۾ بينڪن ۾ پيسا جمع ڪرائيندڙ درجنين ملازمن جا نالا به شامل آهن، ڊيلي ميل جواب ۾ لکيو آهي ته شهبازشريف وزيراعليٰ بڻجڻ بعد سندس اثاثن ۾ نمايان اضافو ٿيو، ڊيلي ميل پاران پيش ڪيل ثبوتن ۾ رمضان شگر ملز جو به ذڪر آهي، مضمون شايع ڪرڻ کان پهرين شريف خاندان کان موقف ورتو ويو هو، شهبازشريف جي ناٺي جي حوالي سان به ڊيلي ميل جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو، ڊيلي ميل اخبار دعويٰ ڪئي ته شهبازشريف ۽ سندس ناٺي بابت شايع ڪيل خبر تي قائم آهيون، علي عمران يوسف جا اثاثا شريف خاندان ۾ شادي بعد وڌيا.