ٽنڊوالھيار (رپورٽر )ٽنڊي الهيار ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل (سارڪ) جي سڏ تي مير مرتضيٰ اوٺو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلھ جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد روڊ تي ڪيريا شاخ باء پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن تہ ڌرڻي ۾ شامل آبادگارن جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ اڇا جھنڊا ھئا. ڌرڻي سبب حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٿرپاڪر ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ ميلن تائين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، سخت اس ۽ گرمي سبب گاڏين ۾ ويٺل مسافر توڙي پنڌ ويندڙ ماڻهو وڏي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا. ان موقعي تي آبادگارن جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت ھٿ سان پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آهي، جنهن سبب اسان جا لکين رپين جا پوکيل فصل سڙي رھيا آھن، ھنن چيو تہ سنڌ جا حڪمران چون ٿا تہ پنجاب سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، اھو نسور ڪوڙ آهي، پنجاب کي ڪھڙي طاقت آهي جو اسان جي حصي جو پاڻي چوري ڪري يا بند ڪري، اھا سنڌ جي حڪمرانن جي نااهلي آهي، ھنن چيو جيستائين پاڻي نٿو ڏنو وڃي اسان جو احتجاج جاري ۽ ساري رھندو، جڏهن تہ ٻي پاسي آبادگار اڳواڻ ٽنڊوالھيار ضلعي جي انتظاميه تي الزام ھنيو تہ پوليس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ايندڙ آبادگارن جي گاڏين کي زبردستي روڪي زير بار ڪري رهي آهي جيڪو عمل صحيح ناهي، ھي آبادگارن جو پر امن ڌرڻو آهي ان جي باوجود انتظاميا ڪريل حرڪتون ڪري ڌرڻو ناڪام بڻائڻ چاهي ٿي، پر حق، حق ٿيندو ۽ سچ، سچ ٿيندو