شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ ۽ سيپڪو عملي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، غلام علي مگسي، عمران خشڪ، سجاد تنيو، رشيد مگسي ۽ ٻين چيو ته شھدادڪوٽ ۾ 52 سينٽي گريڊ گرمي ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب شھرين جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.