ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان سٽي ٿاڻِي جي پوليس نانگو شاهه ، پانڌي واهه ۽ ملاڪاتيار روڊ تي ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن ڪانجي ۽ لکو ڪولهي شيخ، ڀرڪيو پوليس دلمير باءِ پاس وٽ ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار سلطان نظاماڻي، ٽنڊوغلام حيدرپوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن خادم حسين ميمڻ ، امرو ڪولهي ۽ ڌنجي ڪولهي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪئي وئي آهي.