ٽنڊو جان محمد (ن پ ا) ٽنڊو جان محمد لڳ ڳوٺ درياءَ خان ڪلوئي ۾ ڪلوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ اسڪول جي سرڪاري پلاٽ ۾ اڏاوت تان جهيڙو، هڪ ڌر پاران اڏاوت بند ڪرائڻ لاءِ تعلقي انتظاميا کي اطلاع ڪري گهرايو ويو. مخيتار ڪار ڊگھڙي جبران کوسو ۽ اي ايس آءِ فاروق پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ پهتا، انتظاميا پوليس جي مدد سان ڪم روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڏاوت ڪندڙ ڌر جا ماڻھو مڇرجي پيا، عورتن ۽ مردن گڏجي مختيارڪار ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪندي مختيار ڪار جي نجي گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا، پوليس موبائل کي مڇريل ماڻھن باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس موبائل ۽ مختيار ڪار ڀڄي ويا. جڏهن ته حملي ۾ هڪ ڌر جا ٻه ڄڻا رئيس عمير ڪلوئي، منظور ڪلوئي لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال آندو ويو. منظور ڪلوئي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول جو پلاٽ آھي جنهن ڀرسان پاڻي جو تلاءُ آھي جتان ڳوٺ جون نياڻيون پاڻي ڀرينديون آھن اتي ٻي ڌر طرفان ڏاڍ مڙسي ڪري اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. جنهن کي روڪرائڻ لاءِ عمير ڪلوئي قانوني طريقو اختيار ڪندي انتظاميه کي اطلاع ڪيو، مختيار ڪار ڊگھڙي پوليس نفري سان پهتو ته جوابدارن الله بخش ڪلوئي، شھدُو ڪلوئي، هدايت الله ڪلوئي، شفيع ڪلوئي، محمد ۽ ٻين اسان تي حملو ڪري ڏنو. جڏهن ته واقعي خلاف عمير ڪلوئي طرفان ٽنڊوجان محمد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي پر اڃا تائين گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي. مختيارڪار ڊگهڙي جبران کوسو ۽ پوليس تي ٿيل حملي جو ڪيس روينيو کاتي طرفان مختيار ڪار ڊگھڙي جي حڪم تي مهر سرڪل جي تپيدار وريام پاران 7 ڄڻن علي نواز ڪلوئي، الله بخش ڪلوئي، شھدو ڪلوئي، محبوب ڪلوئي، علي جان ڪلوئي، هدايت الله ڪلوئي، شفيع ڪلوئي سميت ٻن نامعلوم ماڻھن تي حملي ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ روينيو کاتي موقف اختيار ڪيو آھي ته ديهه 188۾ عمير ڪلوئي جي درخواست معاملي جي جاچ لاءِ پهتاسين هڪ ڌر گهر جي 3 ماڻھن پاڻ پنهنجي گهر، جهوپڙين ۽ لوڙهن کي باهه ڏئي هنگامون ڪري اسان ڏانهن ڌڪ هڻڻ لاءِ وڌيا مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي. جهيڙي ۾ زخمي ٿيل عورت زرينا ڪلوئي چيو ته عمير ڪلوئي اسان جي گهرن ک باهيون ڏياريون آھن ۽ اسان تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن عمير ڪلوئي چيو ته اسان معاملي کي قانوني طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ انتظاميه سان رابطو ڪيو، انتظاميا جاچ ڪري رهي هئي ته قابض ڌر جي ماڻھن انتظلاميا جي موجودگي ۾ اسان تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي گهر نما جهوپڙين ۽ لوڙهن کي باهيون ڏئي ڊرامو رچايو ويو.