کورواھ (ن پ ا) کورواھ ڀرسان ڳوٺ سومار پسريو ۾ مبينا طور جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايل 10 سالن جي معصوم ٻارڙي ولايت ڌي علي حسن پسريو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار واقعي جو نوٽيس وٺندي گذريل ڏينهن اسپتال پهچي نينگريءَ جي عيادت ڪئي، جڏھن ته کورواھ پوليس گذريل ڏينهن شڪ جي بنياد تي 31 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ھڪ جوابدار سبحان پسريو ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي. جوابدار کي نينگري جي سامھون پيش ڪيو ويو، جنهن کيس سڃاتو آھي. جوابدار مٿان کورواھ ٿاڻي تي نينگري جي پيءُ علي حسن پسريو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.