سڳيون (ن پ ا) سڳيون ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر زرينا چنا پنهنجي پٽ اشفاق سان گڏ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته زميندار جئندل شاهه جي زمين ۾ ويٺل هڪ گهر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ وياسين، گهر ڌڻين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي حملو ڪيو.هن چيو ته اهڙي شڪايت ڊي ايچ او خيرپور کي ڪئي، هن ڦورن نوٽيس وٺندي ايس ايچ او سوڀو ديرو کي ڪارروائي لاءِ چيو ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ليڊي هيلٿ ورڪر جو چوڻ هو ته جوابدارن پاران ميڙ کڻي اچڻ تي کين معاف ڪري ڇڏيو آهي۽ اهڙي معاف ڪرڻ واري ڄاڻ ڊي سي صاحب خيرپور کي پڻ لکت ۾ ڏني آهي.