بدين (رپورٽر) ٽنڊوباگو پوليس پاران چرس جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نوجوان عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران ٽنڊوباگو ٿاڻي جي ٻن اهلڪارن تي ساڻس بدفعليءَ جي تهمت هنئي آهي. ٽنڊوباگو وارڊ نمبر 8 نئون آباد مان مبينا طور چرس رکڻ جي الزام هيٺ نوجوان امتياز علي ڪهيريءَ کي گرفتار ڪري مٿس ٽنڊوباگو ٿاڻي تي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو. گذريل ڏينهن ڄاڻايل نوجوان کي سول جج 2 بدين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جوابدار امتياز علي ڪهيري ٽنڊوباگو ٿاڻي جي ٻن اهلڪارن عبدالرحمان کوسو ۽ اويس سمون تي الزام هنيو ته هنن ساڻس بدفعلي ڪئي آهي. اهڙي بيان بعد عدالتي حڪم تي ڊي ايچ ڪيو اسپتال بدين مان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ بعد نوجوان کي ڊسٽرڪٽ جيل بدين روانو ڪيو ويو.