مقصودورند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ڀرسان 8 سالن جي ٻارڙي سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار، نينگري کي ميڊيڪل ليٽر جاري. ان سلسلي ۾ دريا خان ائٽ مقصودو رند ٿاڻي جي حد درگاهه سلطان فقير وٽ ڀيل قبيلي سان تعلق رکندڙ 8 ورهين جي معصوم يتيم نينگري مارل ڀيل سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، نينگري جي رڙين تي علائقي واسين جوابدار 30 سالن جي نيوو ڪولهي کي پڪڙي سخت تشدد بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار نيوو ڪولهي کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته متاثره نينگري کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪارروائي ڪئي ويندي، معاملي جي جاچ جاري آهي.