ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ بودرفارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي ھاشم پلي ۾ 9 سالن جي معصوم نينگر ڪيلاش ولد رميش ميگھواڙ سان مبينا بدفعلي، معصوم ڪيلاش جي ماءُ الزام لڳائيندي صحافين کي ٻڌايو ته پاڙي جي نوجوان جھالو ولد لوڻو ميگھواڙ سندس معصوم پٽ کي ھڪ ڏينھن اڳ شام جي وقت ڳوٺ جي ٻاھران وٺي وڃي، بدفعلي ڪئي. عورت الزام لڳائيندي چيو ته جوابدار نينگر کي ورغلائي وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو. نينگر کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ عمرڪوٽ جي اسپتال نيو ويو. جتي ميڊيڪل بعد کيس گھر موڪليو ويو. نينگر جي والد رميش ميگھواڙ جي فرياد تي بودرفارم ٿاڻي تي جوابدار جھالو ولد لوڻو ميگھواڙ خلاف نينگر سان بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن.