ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم کي بچائڻ لاءِ  ڏنل بند جو برساتي  پاڻي رستي کي ڪٽ ڏئي شهر طرف لوڙھڻ خلاف سي ايم او پاران  يوسي مٺو کوسو جي نئين چونڊيل چيئرمين سميت 3 ڄڻن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل، نوٽيس جاري ،ڌريون اڄ طلب، ان ڏس ۾ ٽنڊي آدم کي برساتي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ  باءِ  پاس ڀرسان ڏنل عارضي بچاءُ  بند جو پاڻي شهر طرف لوڙهڻ لاءِ  رستي کي ڪٽ ڏيڻ تي ميونسپل آفيسر باقر حسين بروهي پاران سول ڪورٽ ٽنڊوآدم جي جج فرحاز احمد ميمڻ جي عدالت ۾ يوسي مٺو کوسو جي نئين چونڊيل چيئرمين عمير قادر جوڻيجو ، ڪاڪو مري ۽ پانڌي خلاف سيڪشن 133 سي آر پي سي تحت درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾  ايس ايس پي سانگهڙ ، ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ۽ ايس ايچ او سٽي کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي، داخل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عملدارن رستي کي ڪٽ ھڻي برساتي پاڻي شهر طرف ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان شهر جي جمن شاهه وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ميونسپل جو ڊرينيج سسٽم پڻ مفلوج ٿيڻ جو انديشو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته رستي کي ڏنل ڪٽ بند ڪرائي شهري علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي. ان حوالي سان  ايڊووڪيٽ شير علي بهڻ ٻڌايو ته عدالت پاران درخواست  ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري اڄ اربع ڏينهن عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.