ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾  نوجوان مشتاق منڱريو جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل وڪيل يار محمد مڱريو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس پاران کيس تلاش يا گرفتار ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي  ھڪ ٻئي وڪيل جي گاڏي کي روڪي تلاشي وٺڻ تي وڪيلن ۽   ٽائون ٿاڻي جي پوليس وچ ۾ منھن ماري ٿي پئي، جنھن بعد وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن ۽ سنڌ بار ڪائونسل  الڳ الڳ قرارداد پاس ڪري واقعي جي مذمت ڪئي آھي  ۽ چيو آھي ته عدالتي احاطي ۾ وڪيل افضل ورڪ جي گاڏي کي روڪڻ ۽ اڍنگي طريقي سان تلاشي وٺڻ  غيرقانوني عمل آھي. هنن مطالبو ڪيو ته  پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ھوڏانھن  ٽائون ٿاڻي جي ايس ايچ او ميرمحمد پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته مقتول ۽ جوابدارن جا وارث وڏي تعداد ۾ عدالت ۾ پھتل ھئا، امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ عدالت ٻاھران بيٺل ھئاسون، وڪيلن جي لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي.