ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم پوليس فائرنگ ڪيس ۾ جوابدار ذوالفقار مگسي ۽ سندس ڀاءُ سڪندر مگسي جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ خير محمد مري ۾ سندن گهر کي تالا لڳائي پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي، 2 ڏينهن کان گهر کي لڳل تالن سبب ذوالفقار جي زال ۽ ڀاڄائي سميت 6 ٻارڙا قيدي بڻجي ويا آهن، متاثر عورتون ۽ ٻارڙا گهر کي تالو لڳل هجڻ سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان ڊي ايس پي لياقت ٽالپر ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي، گهر ڀاتين کي قيد ناهي ڪيو.