ڪوٽ لالو (ن پ ا ) ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد جلالجي چودڳي ڀرسان ڳوٺ شاھنواز شر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان رانجھن شر جو ڪيس سندس مامي محمد سرور شر جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، ڪريم بخش، صفي الله، شاھنواز، نياز علي، ڀائي خان ۽ قاسم شر کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته اسان راڄپر برادري کان چار ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي جنهن تي شاهنوا شر وارا ناراض هئا جيڪي مسلسل قتل جون ڌمڪيون ڏيندا هئا جن وونئڻن جو رونبو ڪندڙن مٿان حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا