سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فھيم احمد صديقي تي مشتمل ڊبل بئنچ سرڪاري زمين ۾ ھيرا ڦيري واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڪيٽل ڪالونيءَ جي سرڪاري زمين ۾ ھيرا ڦيري ڪري جعلسازيءَ سان زمين جي الاٽمينٽ ڪري نجي ماڻھو کي ڏيڻ تي عدالت روينيو ۽ اينٽي ڪرپشن عملدارن مٿان ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڄاڻايو آھي ته سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ غيرقانوني ۽ غلط آھي، زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۾ اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر (جيڪو اُن وقت اسسٽنٽ ڪمشنر نيو تعلقا ھو) ملوث آھي، ڊپٽي اينٽي ڪرپشن جون رپورٽون بدنيتي تي مشتمل آھن، عدالت چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ کي خبردار ڪيو آھي ته غلط انڪوائري ڇو ڪئي ويندي آھي؟ اينٽي ڪرپشن جا آفيسر اڪثر جاگيردارن ۽ وڏيرن کي فائدو ڏيندا آھن، اينٽي ڪرپشن قابل آفيسرن کان انڪوائري ڇو نه نٿي ڪرائي وڃي؟ لکت ۾ جاري ٿيل فيصلي ۾ سرڪاري زمينن جي رڪارڊ ۾ ھيرا ڦيريءَ تي معزز ججن حيرت جو اظھار ڪندي چاڻايو آھي ته ڪمشنر سکر ڊويزن طرفان پيش ڪيل ھڪ رڪارڊ ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مبين جتوئي کي زمين مالڪ قرار ڏنو ويو آھي، ساڳي رپورٽ ۾ فراڊ ذريعي زمين حاصل ڪندڙ مبين جتوئي کي جوابدار قرار ڏنو ويو آھي، جڏھن ته ساڳي معامري ۾ ڊپٽي ڪمشنر رانا عديل تصور خلاف انڪوائري ٿي رھي آھي. انڪوائري ۾ اينٽي ڪرپشن جا عملدار مبين جتوئي جي مڪمل حمايت ڪندي نظر اچي رھيا آھن، اھڙا ڪيترائي ڪيس آھن جنھن ۾ بيوروڪريسي جاگيردارن جي سپورٽ ڪندي نظر ايندي آھي. چيئرمين اينٽي ڪرپشن پنھنجي ماتحت آفيسرن کي پابند بڻائي تي اھڙن ڪمن مان پاسو ڪن. اينٽي ڪرپشن اھڙن ڪيسن ۾ مداخلت نه ڪري جنھن تي انھن کي ڪا گرفت نه ھجي. نصير آباد ۾ واقع سرڪاري زمين وارو معامرو اينٽي ڪرپشن عدالت فيصلو ڪري. عدالت ڊپٽي ڪمشنر سکر، اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي ٻين ذميوارن کي سختيءَ سان ھدايتون جاري ڪيون آھن ته مينھن کي ڪئنالن ۾ داخل ٿيڻ کان مڪمل روڪيو وڃي، سمورا واڙا ڪيٽرل ڪالوني منتقل ڪري عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي.