دبئي(دلچسپ نيوز) ٽريفڪ جام جو مسئلو، دبئي ۾ 2023ع ۾ اڏامندڙ گاڏي آڻڻ جون تياريون،گڏيل عرب امارتن پاران آمريڪي ڪمپني لفٽ ڪار آٽوميٽڪ گاڏي جي تياري شروع ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ڪمپني لفٽ ڪار هڪ آٽوميٽڪ گاڏي جي تياري ۾ مصروف آهي جنهن کي ٻن سالن ۾ دبئي ۾ لانچ ڪيو ويندو. هيليڪاپٽر گاڏي نه رڳو اڏامي سگھندي پر زمين تي به هلندي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اڏامندڙ گاڏي بلڪل هڪ هيليڪاپٽر اي ويٽول جهڙي هوندي.6 پروپيلز سان ليس اها گاڏي هيليڪاپٽر جيان سڌي انداز ۾ ٽيڪ آف ۽ لينڊ ڪندي.هلندڙ مهيني 14 نومبر تي ڪوالمڪتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شروع ٿيل دبئي ايئر شو 2021ع ۾ ان گاڏي کي ٺاهيندڙ ڪمپني طرفان پيش ڪيو ويو.هائڊروجن گيس سان هلندڙ گاڏي جي قيمت 3 لک 50 هزار آمريڪي ڊالر هوندي جنهن ۾ پنجن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي.فالائنگ ڪار کي 2023ع يا 2024ع ۾ لانچ ڪيو ويندو. جنهن جو مقصد دبي ۾ ٽريفڪ جام جهڙي مسئلي کان بچاءُ ۽ ان جو حل ڳولڻ آهي.