واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف توشا خانا مان تحفا گم ڪرڻ واري معاملي تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ڪٽنب تي پرڏيهي سربراهن طرفان ڏنل تحفن جو پتو ناهي پئجي سگهيو. ان حوالي سان آمريڪي ڪانگريس جي ڪاميٽي صدارتي تحفا جمع ڪرائي رکڻ واري اداري نيشنل آرڪائيو کان مدد گهري ورتي آهي ۽ جاچ آفيسرن انهن تحفن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽس موجب سعودي عرب جي بادشاهه سلمان پاران ٽرمپ کي مليل عبدلعزيز السعود اعزاز به غائب آهي،  اڳوڻي آمريڪي صدر کي جاپاني وزيراعظم گالف کيڏڻ لاءِ سامان جو قيمتي تحفو ڏنو هو، ان جو به ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي. روسي صدر پيوٽن 2018ع ورلڊ ڪپ جو فٽبال ٽرمپ کي تحفي طور ڏنو هو، مصر جي صدر ٽرمپ کي مصر جي قديم ديوتا جو سونهري مجسمو ڏنو، ايلسلوا ڊور جي صدر ٽرمپ کي وڏي پينٽنگ تحفي ۾ ڏني هئي. توشا خانه مان برطانوي راڻي ايلزبٿ 2 جي صحيح ٿيل ناياب تصوير، مهاتما گانڌي جو مجسمو، افغان دري ۽ ٻيون شيون به غائب آهن.