خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ تيز رفتار ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، زال مڙس موقعي تي فوت، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ تيز رفتار ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سعيد الرحمان سهتو ۽ سندس گهر واري مسمات فردوس سهتو موقعي تي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن واقعي بعد حد جي پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار سوار زال مڙس ڪراچيءَ کان سکر وڃي رهيا هئا ته حادثي سبب اجل جو شڪار ٿي ويا. فوتي بيراج ڪالوني سکر جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. لاش گهر منتقل ڪيا ويا ته ڪهرام مچي ويو.