لنڊن(دلچسپ نيوز) ٻوٽي جيان روشني جذب ڪندڙ انقلابي جيڪٽ تيار ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن ۾ هڪ ڪمپني انوکي جيڪيٽ تيار ڪري ورتي آهي، اها بلڪل هڪ ٻوٽي جيان ڪم ڪري ٿي يعني اها سج جي روشني جذب ڪري توانائي جمع ڪري ٿي.سولر چارجڊ جيڪٽ تمام آرامده، هلڪي ۽ برسات کان بچائيندڙ آهي، هاڻ رات جي وقت اوهان ان تي فون جي لائٽ يا چارج هڻي ڪجهه به لکي سگهو ٿو ۽ اهي لفظ ڪلاڪن تائين جيڪٽ تي چمڪندا رهن ٿا، اهڙي طرح پوليس اهلڪار يا ٽريفڪ هموار رکندڙ سرڪاري ماڻهو به ان کي استعمال ڪري سگهن ٿا.سولر جيڪٽ جي سڀ اکن اهم ڳالهه اها آهي ته جيتري اونداهي هوندي اها ايتري ئي روشن ٿيندي ويندي آهي، ڏينهن جي روشني ۽ توانائي جذب ڪري رات ۾ چمڪندڙ ڪپڙا صرف تجربي گاهه تائين محدود هئا ۽ ٻاهر جي ماحول ۾ انهن جي افاديت ختم ٿي ويندي هئي، حقيقي دنيا لاءِ ٺاهي وئي آهي، اها ايتري نرم آهي جو مٺ ۾ اچي وڃي، ان مان پگهر ٻاهر نڪري ويندو آهي پر برسات جو پاڻي اندر ناهي اچي سگهندو.جيڪٽ جي سڀ کان مٿانهين سطح تي خاص قسم جي هڪ چادر موجود آهي جنهن ۾ فاسفورس تي ٻڌل روشن ٿيندڙ هڪ مرڪب آهي، ان تي روشني پوندي آهي ته جيڪٽ ان کي جذب ڪري ٿي ۽ رات ۾ ان کي آهستي آهستي خارج ڪندي آهي، اهڙي طرح جيڪٽ زندا ٻوٽن جيان روشني جمع ڪري ٿي.