بيجنگ:(دلچسپ نيوز) چين ۾ چانورن جو هڪ پيالو 1405 ڊالر جي رقم ۾ نيلام ڪيو ويو. اتر چين ۾ واقع هڪ ڳوٺ ۾ چانور جي پهرين فصل جي ڪٽائي کان پوءِ نئين فصل سان حاصل ٿيندڙ چانورن جو پهريون پيالو نيلام ڪيو ويندو آهي. فارم ۾ چانور جي نئين فصل جي ڪٽائي کان پوءِ حاصل ڪيل چانورن مان هڪ پيالو چانورن جو ڪڍي رڌيو ويندو آهي جنهن کي رڌڻ کان پوءِ نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو.نيلامي جي موقعي تي تمام گهڻن ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ نئين فصل جي چانورن جي پهرين پيالي جي لاءِ ڪافي ٻوليون لڳايون پر ان دوران هڪ عورت سڀني کان وڌيڪ ٻولي لڳائي 1405 ڊالرز ۾ نئين فيصل جي چانورن جو پهريون پيالو حاصل ڪري ورتو.عورت جڏهن چانورن جي نيلامي جي رقم ادا ڪئي