ايمسٽرڊيم(دلچسپ نيوز) هالينڊ ۾ سائيڪلن لاءِ سج جي روشني سان چارج ٿي رات جو چمڪندڙ ٽريڪ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سائيڪلن لاءِ ماحول دوست ٽريڪ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ حيران ڪندڙ ايجادون سامهون اچي رهيون آهن، هالينڊ ۾ هن وقت سائيڪلن جو تعداد اتان جي شهرين جي تعداد کان به وڌيڪ آهي ۽ ان جي مقبوليت ۾ روز بروز وڌيڪ واڌ ٿيندي پئي وڃي.ميڊيا رپورٽ موجب حڪومت جي به ڪوشش آهي ته ماڻهو گاڏين بدران سائيڪلن تي سفر ڪن ته جئين ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي ممڪن ٿي سگهي، هالينڊ ۾ سائيڪلسٽ يونين سان تعلق رکندڙ مارٽن فان ايس جو چوڻ آهي ته سائيڪلنگ جي وڌندڙ رجحان، پاليسي جوڙيندڙن ۽ انجنيئرز جي مدد سان ماحول دوست ۽ ونٽر پروف سائيڪل ٽريڪ ٺاهيو ويو آهي جيڪو سج جي روشني سان سڄو ڏينهن چارج ٿيندو ۽ رات جي وقت روشن ٿي ويندو. ان حوالي سان انجنيئرز جو چوڻ آهي ته هڪ اهڙو پٿر به تيار ڪيو آهي جيڪو سموري رات بنا بجلي جي روشن رهندو جڏهن ته هڪ نئين ايجاد فان گوفي روسگارڊا نالي سائيڪل ٽريڪ آهي، جيڪو رات جو چمڪندو آهي، ان ٽريڪ تي اهڙا پٿر هنيا ويا آهن جيڪي سج جي روشني سان چارج ٿيندا آهن ۽ رات جو چمڪندا آهن، ٽريڪ جو نالو مشهور مرحوم مصور فان گوفي روسگارڊا جي نالي تي رکيو ويو آهي.